سنڌ سيلز ٽيڪس 13 مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان: جهازن ۾ سفر، انشورنس ۽ گاڏين تي ٽيڪس لاڳو

0
21
سنڌ سيلز ٽيڪس 13 مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان: جهازن ۾ سفر، انشورنس ۽ گاڏين تي ٽيڪس لاڳو
سنڌ سيلز ٽيڪس 13 مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان: جهازن ۾ سفر، انشورنس ۽ گاڏين تي ٽيڪس لاڳو

ڪراچي: سنڌ سرڪار ايندڙ مالي سال 2024-25ع دوران سنڌ سيلز ٽيڪس (ايس ايس ٽي) جي شرح 13 مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه بجيٽ تقرير دوران چيو ته سنڌ روينيو بورڊ، ايڪسائيز کاتو ۽ روينيو کاتو ايندڙ 661 ارب رپين جون رڪارڊ وصوليون ڪندا

بجيٽ دستاويزن موجب جڏهن ته پيٽرول پمپن تي ٽيڪس جي شرح ۾ چئوڻ تي اضافو ڪندي 5 هزار رپين مان وڌائي 20 هزار رپيا ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ملڪ اندر هوائي جهاز تي سفر ڪرڻ تي في مسافر 250 رپيا ۽ پرڏيهي اڏام تي هڪ هزار رپيا ادا ڪندو. پلاٽن، جائداد يا ملڪيتن جي الاٽمينٽ آرڊر يا ان جي تجديد جي صورت ۾ 5 هزار رپيا اوڳاڙيا ويندا

ريئل اسٽيٽ جي زمينن، دڪانن، فليٽن جي مقرر قيمت تي 2 سيڪڙو ٽيڪس اوڳاڙيو ويندو. ڪنهن به قسم جي ڀائيواري ڪرڻ يا ختم ڪرڻ جي صورت ۾ 5 هزار رپيا ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. ساڳئي نموني انشورنس جي تجديد جي صورت ۾ ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. سامونڊي جهاز جي انشورنس تي سنڌ حڪومت 5 هزار رپيا وصول ڪندي. جڏهن ته عمارتن، فصلن، ملڪيتن جي انشورنس تي 500 رپيا اوڳاڙڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. لائف ۽ هيلٿ انشورنس تي 500 رپيا ٽيڪس اوڳاڙيو ويندو جڏهن ته غيرمتحرڪ ملڪيت جي پاور آف اٽارني لاءِ 5000 رپيا ٽيڪس رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي

بجيٽ اجلاس ۾ 1500 سي سي کان 3000 سي سي جي گاڏين تي 45 هزار رپين تائين لگزري ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. 3 هزار سي سي يا مٿي وارين ڪارن ۽ جيپن تي ساڍا 4 لک رپيا، 2 هزار سي سي وارين گاڏين تي پوڻا 3 لک، 1500 سي سي جي امپورٽڊ گاڏين تي هڪ لک رپيا ۽ مقامي ٺهندڙ 2 هزار سي سي گاڏين تي 50 هزار رپيا ۽ 1500 سي سي گاڏين تي 25 هزار رپيا ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ڪنهن به قسم جو ڪاروبار ڪرڻ تي 2 هزار رپيا ساليانو ٽيڪس لڳايو ويندو جڏهن ته سمورن پروفيشنز تي ساليانو 2 هزار رپيا پروفيشنل ٽيڪس اوڳاڙڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي

سمورن خانگي تعليمي ادارن، اسپتالن، ڪلينڪن، فارم هائوسن، گيسٽ هائوسن، فنڪشن هالن کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جانورن جي علاج، اسپورٽس گيم سينٽرز کان به سنڌ روينيو بورڊ وصوليون ڪري سگهندو.  هلندڙ مالي سال 24-2023ع ۾ صوبائي ٽيڪس اوڳاڙين جو پهرين هدف 8 ارب 11 ڪروڙ 60 لک رپيا مقرر ڪيو هو جنهن تي نظر ثاني ڪري 3 ارب 80 ڪروڙ رپين جو واڌارو  ڪيو ويو ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ اهو هدف وڌائي 11 ارب 29 ڪروڙ 70 لک رپيا ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ زراعت تي انڪم ٽيڪس جو هدف 2 ارب مان وڌائي 6 ارب، پراپرٽي ٽيڪس جو 40 ڪروڙ مان وڌائي هڪ ارب 40 ڪروڙ، لينڊ روينيو ( ڍل) جو هدف 39 ڪروڙ 50 لک مان وڌائي هڪ ارب 30 ڪروڙ، پروفيشن، واپار۽ ڪالنگ تي ٽيڪس جو هدف هڪ ارب رپين مان وڌائي 2 ارب 59 ڪروڙ 70 لک رپيا ڪيو ويو آهي

وڏي وزير چيو ته ايندڙ سال سروسز تي سنڌ سيلز ٽيڪس جي وصولين جو ھدف 235 ارب مان وڌائي 350 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آھي. اھڙي ريت ايڪسائيز ٽيڪس لاءِ آمدني جو ھدف گذريل سال جي ھدف 143.27 ارب جي ڀيٽ ۾203.8 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آھي،  بورڊ آف روينيو جي ٽيڪسن  جو حدف 55.216  مان وڌائي 60.7 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آھي

هن چيو ته  غريب طبقن کي رليف ڏيڻ لاءِ موجودہ نظام کي متوازن بڻائڻ ۽ خوشحال طبقن کان امڪاني آمدني حاصل ڪرڻ ضروري آھي. تنھن ڪري اسان ڪجهه نوان ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز به ڏني آهي، جنهن سان مالي سال 25 _2024 ۾ 76.8 ارب رپين جي اضافي آمدني پيدا ٿيڻ جي اميد آهي.