سنڌ هاءِ ڪورٽ: بجليءَ بلن ۾ ميونسپل ٽيڪسز اوڳاڙڻ بابت فيصلو محفوظ

0
28
سنڌ هاءِ ڪورٽ: بجليءَ بلن ۾ ميونسپل ٽيڪسز اوڳاڙڻ بابت فيصلو محفوظ
سنڌ هاءِ ڪورٽ: بجليءَ بلن ۾ ميونسپل ٽيڪسز اوڳاڙڻ بابت فيصلو محفوظ

سنڌ هاءِ ڪورٽ بجليءَ جي بلن ۾ ميونسپل جا ٽيڪسز اوڳاڙڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو

جسٽس صلاح الدين پنهور چيو آهي ته عبوري فيصلو اڄ ئي جاري ڪيو ويندو

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ٽيڪسز وارو معاملو نئين سر جائزي لاءِ سٽي ڪائونسل ۾ کڻي وينداسين

جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ائين نه ٿيڻ گهرجي ته ٺهراءُ منظور ٿي وڃي ۽ ماڻهن جي راءِ نه اچي سگهي، ڪجهه قراردادون منظور ٿي وينديون آهن ۽ سموري پارليامينٽ خاموش رهندي آهي

 ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته سئو ٻه سئو يونٽس استعمال ڪندڙ واهپيدارن تي ميونسپل ٽيڪس لاڳو نه ٿئي

 جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته 10 هزار روپين تائين جو بل ادا ڪندڙن کي ته ڇوٽ ڏني وڃي، جماعت اسلامي جي وڪيل چيو ته اپوزيشن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ ضابطن تحت ڪم ڪيو وڃي

ميئر چيو ته هڪ ڪميٽي ٺاهيندس ۽ سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي ڪم ڪندس، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو