سنڌ سرڪار پاران گريڊ هڪ کان 15 تائين جي ملازمن جي ڀرتين لاءِ اميدوارن جي ٽيسٽ ۽ انٽرويوز ٻيهر وٺڻ جو فيصلو

0
203

ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ ٻيهر ٽيسٽ ۽ انٽرويوز وٺڻ واري تجويز سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو پيش ڪري ڇڏي، عدالت سنڌ سرڪار جي تجويز تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته سنڌ سرڪار پاران ملازمن جي ڀرتين لاءِ نئين سر اشتهار جاري ڪيا ويندا، قانون موجب ٻيهر ٽيسٽ ۽ انٽرويوز به ورتا ويندا

ڀرتين خلاف ايم ڪيو ايم جي درخواست تي جسٽس ظفر احمد راجپوت پنهنجي چيمبر ۾ ٻڌڻي هلائي، ايم ڪيو ايم پاران وڪيل فروغ نسيم ۽ سنڌ سرڪار پاران ايڊوڪيٽ جنرل دليل ڏنا

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو، سنڌ هاءِ ڪوٽ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي آگسٽ 2023 ۾ ڀرتين تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو هو