سنڌ بجيٽ عوام دشمن قرار: 16 سالن ۾ بجيٽ وڌي پر ڪارڪردگي خراب ٿي: اپو زيشن

0
19
سنڌ بجيٽ عوام دشمن قرار: 16 سالن ۾ بجيٽ وڌي پر ڪارڪردگي خراب ٿي: اپو زيشن
سنڌ بجيٽ عوام دشمن قرار: 16 سالن ۾ بجيٽ وڌي پر ڪارڪردگي خراب ٿي: اپو زيشن

ڪراچي : اپوزيشن سنڌ بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آھي، اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ڳالهائيندي چيو ته صوبي جي جمھوري روايتن کي پائمال ڪيو ويو آهي

  پري بجيٽ گفتگو  رولز ۾ آھي پر انھي تي ڪا ڊسڪشن نه ٿي،  اسان پوائنٽ آف آرڊر  ۾اھا ڳالهه رکي ته پري بجيٽ سيشن رکو ته جيئن اسانجون سفارشون به حڪومت تائين پھچايون ، اسان وڏي وزير سميت مختلف کاتن کي لکت ۾ سفارشون موڪليون، سرڪار اسانجي ڪا سفارش به نه  ٻڌي

هن چيو ته   ايم ڪيو ايم 80 سيڪڙو شھري ميبڊيٽ رکندڙ جماعت آھي پر اسانجي سفارشن کي نظرانداز ڪري جمھوري روايتن خلاف بجيٽ پيش ڪئي وئي، پ پ گذريل 16 سالن کان لاڳيتو بجيٽ پيش ڪئي آھن، وزيراعليٰ جي تقرير ۾ روايتي طور ساڳيون ڳالهيون هيون، سي ايم سنڌ سيف سٽي اٿارٽي جو ذڪر ڪيو آهي، سرڪار  گذريل 10-12 سالن کان سيف سٽي جون ڳالهيون ڪري ٿي پر اھو منصوبو مڪمل ته پري رهيو پر شروع ٿي ناهي سگهيو

هن چيو ته  ڪراچي سنڌ جو صوبائي گادي وارو ھنڌ آھي ، هتي ڌابيجي کان  65 ايم جي ڊي پاڻي ڪراچي اچڻو هو، اھو منصوڀو ختم ڪيو ويو آهي، اسين اهڙي بجيٽ کي رد ڪريون ٿا اسانجي سفارش حڪومت به نه  ٻڌي، هن چيو ته  ھر سال صحت جي بجيٽ ۾ واڌارو ٿئي ٿو، هيل به 300 ارب رکيا ويا آھن  تازو حيدرآباد جي علائقي  پريٽ آباد ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب 22 شهري فوت ٿيا، حيدرآباد ۾ برنس وارڊ جي  سهولت ناهي

ھن چيو ته تعليم واري وزير سردار شاهه  تازو اعتراف ڪيو آهي ته صوبي جي 13 ھزار اسڪولن ۾ باٿ روم ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناھي، هن چيو ته  اوھان جي 16 سالن کان لاڳيتي حڪومت آھي، هر سال  بجيٽ وڌي پئي

جڏهن ته  ڪارڪردگي خراب پئي ٿئي، گھرو کاتي  لاءِ  172 ارب رکيا ويا آھن، انهي کاتي کان  ڪراچي کان ڪشمور تائين ڌاڙيل نٿا روڪجن،  ڪراچي ۾ اسٽريٽ  ڪرائيم وڌي پيو، اسان  سنڌ جي عوام آڏو ٽن کاتن جو عملي نمونو پيش ڪيوآھي، ايم ڪيوايم،   جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ يا سني اتحاد ڪائونسل کي بجيٽ تي آن بورڊ نه ورتو ويو،  ھي عوام دشمن بجيٽ آھي، جنھن کي اپوزيشن رد ڪري ٿي

هن کي به پڙهندا

سنڌ جي ساڍا 30کرب جي بجيٽ: پگهارن ۾ 22 کان 30 سيڪڙو واڌ: نيون ترقياتي رٿائون ڪاٽا