سنڌ اسيمبلي ۾  نئين مالي سال 2024_25ع جي 3هزار 56 ارب رپين جي بجيٽ اڪثريت سان منظور

0
22
سنڌ اسيمبلي ۾  نئين مالي سال 2024_25ع جي 3هزار 56 ارب رپين جي بجيٽ اڪثريت سان منظور
سنڌ اسيمبلي ۾  نئين مالي سال 2024_25ع جي 3هزار 56 ارب رپين جي بجيٽ اڪثريت سان منظور

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي ۾  نئين مالي سال 2024_25ع جي 3هزار 56 ارب رپين جي بجيٽ ۽ 76 ارب رپين جي ٽيڪسز واري  فنانس بل جي اڪثريت سان منظوري، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي حامي ميمبرن پاران فنانس بِل رد، مخالف ميمبرن فنانس بِل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، ايوان ۾ فنانس بِل جي منظوري وقت ايم ڪيو ايم پاران بائيڪاٽ، پي ٽي آءِ جي حامي ميمبرن پاران ايوان ۾ شديد گوڙ  گوڙ ڪيو ويو. مخالف ڌُر جي ميمبرن پاران بجيٽ منظوري کان اڳ ڪٽوتي واريون پيش ڪيل 1167 تحريڪون حڪومتي ميمبرن جي مخالفت سبب رد ٿي ويون، ان حوالي سان ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران پيش ڪيل 3 هزار 56 ارب رپين جي بجيٽ اڪثريت سان منطور ڪئي وئي، 959 ارب روپين جي ترقياتي خرچن جي تجويز به منظور ڪئي وئي، واضح رهي ته صوبي جي ڪُل امڪاني آمدني 3 هزار ارب روپيا آهي، جنهن مان 62 سيڪڙو وفاقي منتقلي ۽ 22 سيڪڙو صوبائي ٽيڪس وصوليون هجن ٿيون، سنڌ اسيمبلي ۾ 22 ارب روپين جي ڪرنٽ ڪيپيٽل، 334 ارب روپين جي پي ايس ڊي پي، هن چيو ته صوبي جي پنهنجي آمدني 662 ارب روپيا هوندي، جن ۾ 350 ارب روپيا سروسز تي سنڌ سيلز ٽيڪس، 269 جي ايس ٽي 42.9 ارب روپيا نان ٽيڪس وصوليون شامل آهن، جڏهن ته 1.96 ٽرلين روپين جي ڪرنٽ روينيو، 184 ارب روپين جي ڪرنٽ ڪيپيٽل جي به سنڌ اسيمبلي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته پرڏيهي قرضن جي قسط توڙي وياج جي ادائگي واري مد ۾ 42 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته اسيمبلي پاران 142.5 ارب روپين جي سرڪاري سيڙپڪاري جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته 76 ارب رپين جي فنانس بل به پيش ٿيڻ بعد حڪومتي ڌُر جي ميمبرن جي اڪثريت بِل کي منظور ڪري ورتو، جڏهن ته فنانس بِل جي مسودي موجب ته فنانس بِل تحت ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جا 37 ارب، سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي) جا 17 ارب ۽ بورڊ آف روينيو استيمپ ڊيوٽي جي مد ۾ 17 ارب روپيا آهن. فنانس بِل جي منظوري تي اپوزيشن ميمبرن مخالفت ۽  نعريبازي ڪندي فنانس بل جون ڪاپيون ڦاري ڇڏيون. فنانس بل جي منظوري وقت ايم ڪيوايم ميمبرن گوڙ ڪندي بائڪاٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد ميمبر ايوان ۾ موجود رهيا ۽ فنانس بِل خلاف سخت نعريبازي ڪندي ايوان کي مڇي مارڪيٽ بڻائي ڇڏيو، وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه پاران اجلاس دوران ناڻي، قانون، ورڪس اينڊ سروسز ۽ سنڌ اسمبلي جي اسٽاف لاءِ هڪ مهيني جي واڌو پگهار جو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته اسان جي ڪجهه هنڌن تي ٽيڪس جي اوڳاڙي نه ٿي رهي آهي، فنانس بل ۾ رڳو ان شين تي ٽيڪس وڌايو ويو آهي، جن تي 15_15 سالن کان ٽيڪس نه وڌايو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته بجيٽ تياري ۾ ڏينهن رات ڪم ڪندڙ اسيمبلي اسٽاف، ناڻي کاتي، ورڪس اينڊ سروسز ۽ قانون کاتي جي ملازمن کي هڪ مهيني جي واڌو پگهار ڏني ويندي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ جي گورنر هائوس ۽ وزيراعليٰ هائوس جا خرچ پاڪستان جي باقي چئني صوبن جي گورنر ۽ وزيراعليٰ هائوسن کان گھٽ آهن، ان کي وڌيڪ گھٽائي نه ٿا سگھون، مون وٽ جيڪي پنهنجي استعمال واريون گاڏيون آهن اهي 12 سال پراڻيون آهن، هن بجيٽ ۾ وزيراعليٰ هائوس لاءِ جيڪي گاڏيون خريد ڪرڻ جا پئسا رکيا ويا آهن اهي وزيراعليٰ هائوس جي اسٽاف لاءِ گاڏيون خريد ڪيون وينديون. مخالف ڌُر جي مختلف ڌُر جي مختلف ڪٽوتي وارين رٿن جي جواب ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته مون کي حيرت آهي ته اسان کي مخالف ڌُر اهڙي ملي آهي جنهن هڪ هڪ روپئي جي ڪٽوتي واريون رٿون به پيش ڪيون آهن، لڳي ٿو ته مخالف ڌُر وارن نه بجيٽ پڙهي آهي نه وري سمجھي آهي. هن چيو ته اسان وزيرن، خاص معاونن ۽ صلاحڪارن لاءِ جيڪا بجيٽ رکي آهي اها ڪا ايتري گھڻي ناهي، خرچ بِنا حڪومت ڪيئن هلي سگھندي. ڪوشش ڪيان ٿو ته خرچ گھٽ ٿين، اسان مهمانن کي تحفا به گھڻا مهانگا نه ڏيندا آهيون، گھڻو ڪري اجرڪ ۽ ٽوپي تحفي ۾ ڏيون ٿا، ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته فنانس بل ۾ اپوزيشن جو ترميمون قبول نه ڪيون ويون آهن، ان ڪري اسان کي فنانس بِل تي سخت اعتراض آهن، فنانس بِل کي رد ڪيون ٿا، هن چيو ته فنانس بل ۾ عوام تي نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن. علي خورشيدي وڌيڪ چيو ته هِن بجيٽ کي مڪمل طور تي رد ڪندي بجيٽ کي رڳو انگن اکرن جي راند سمجھون ٿا. ان کان اڳ بجيٽ منظور ٿيڻ وقت مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ ميمبرن 1197 ڪٽوتي جون تحريڪون پيش ڪيون ته حڪومتي ميمبرن ڪٽوتي تحريڪن جي مخالفت ڪندي سموريون تحريڪون رد ڪري ڇڏيون. اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه بجيٽ جي منظوري تي ايوان کي مبارڪباد ڏيندي اجلاس اڻڄاتل مُدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.