سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ جاري

0
54
سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ جاري
سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ جاري

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ جاري، پيپلز پارٽيءَ پاران اويس  قادر شاهه ۽ ايم ڪيو ايم طرفان صوفيه سعيد شاهه  ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي

 157 ميمبرز ڳجهي ووٽنگ ۾ حصو  وٺي رهيا آهن، پهريون ووٽ ايم ڪيو ايم جي عبدالباسط ۽ ٻيو ووٽ پ پ جي عبدالرئوف کوسو ڪاسٽ ڪيو

 ضياءُ لنجار اويس قادر شاهه ۽ عبدالباسط صوفيه شاهه  جا پولنگ ايجنٽ مقرر،اسپيڪر کان پوءِ  ڊپٽي اسپيڪر لاءِ چونڊ ٿيندي، ڊپٽي اسپيڪر لاءِ  پ پ اميدوار انٿوني نويد ۽ ايم ڪيو ايم جي راشد خان ۾ مقابلو ٿيندو

 اسپيڪر جي چونڊ کان اڳ آغا سراج درانيءَ جماعت اسلامي جي هڪ ميمبر محمد فاروق ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي 9 ميمبرز شبير قريشي، محمد اويس، بلال جدون، سجاد سومرو، ريحان اڪرم، واجد حسين، سربلند خان ۽ ساجد حسين کي حلف کڻائي ورتو

 گذريل ڏينهن 168 ميمبرز تي ٻڌل ايوان ۾ 148 ميمبرز حلف کنيو هو، حلف کڻندڙن ۾ پ پ جا 111 ۽ ايم ڪيو ايم جا 36 ميمبرز شامل هئا