سعودي عرب ۽ نار جي ملڪن ۾ عيدالاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي

0
23

سعودي عرب ۽ نار جي ملڪن ۾ عيدالاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، سعودي عرب ۾ مسجد نبوي ﷺ ۽ مسجد الحرام ۾ عيد نماز جا روح پرور اجتماع، لکن جي تعداد ۾ فرزندِ اسلام عيد الاضحيٰ جي نماز ادا ڪئي

عيد نماز بعد سنت ابراهيمي جي ادائيگي جاري، حج پانڌيئڙا وڏي شيطان جي رمي ۾ مصروف، مڪه مڪرمه ۾ حج پانڌيئڙن قرباني بعد مٿو ڪوڙي احرام کولي ڇڏيا، سادن ڪپڙن ۾ طواف ۽ زيارت لاءِ مسجد الحرام جو رخ، گڏيل عرب امارات، ايران ۽ عراق ۾ به عيد الاضحيٰ ملهائي پئي وڃي

پاڪستان ۾ بوهري ڪميونٽي عيدالاضحيٰ روايتي جوش ۽ خروش سان ملهائي رهي آهي، عيد نماز جي اجتماع بعد بوهري برادري طرفان سنت ابراهيمي جي ادائيگي جاري، پاڪستان، ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ سڀاڻي عيد الاضحيٰ ملهائي ويندي