ڪراچي ۾ وي لاگر سعد علي جي قتل واري واقعي جو تيموريه ٿاڻي تي ڪيس داخل

0
39
ڪراچي ۾ وي لاگر سعد علي جي قتل واري واقعي جو تيموريه ٿاڻي تي ڪيس داخل
ڪراچي ۾ وي لاگر سعد علي جي قتل واري واقعي جو تيموريه ٿاڻي تي ڪيس داخل

..ڪراچي ۾ وي لاگر سعد علي جي قتل واري واقعي جو تيموريه ٿاڻي تي ڪيس داخل، مقتول وي لاگر جي والد مختيار علي جي فرياد تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ فائرنگ ڪندڙ گارڊ، سيڪيورٽي ڪمپني، موبائيل مارڪيٽ جا مالڪ نامزد

 گذريل رات سخي حسن چورنگي وٽ موبائيل مارڪيٽ ۾ وي لاگر  سعد علي وڊيو ٺاهي رهيو هو ته سيڪيورٽي گارڊ سان سندس ڏند چڪ ٿي پيا، سيڪيورٽي گارڊ وي لاگر تي سڌو فائر ڪري ڏنو

 واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج به سامهون اچي ويا، فٽيج ۾ سيڪيورٽي گارڊ وي لاگر تي فائر ڪندي نظر اچي رهيو آهي

 مقتول وي لاگر هڪ دوست سان گڏ پاڪ ڀارت ٽي ٽوينٽي ميچ بابت شهرين جي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ موبائيل مارڪيٽ پهتو هو

 مقتول وي لاگر جي والد موجب سعد وڊيو ٺاهڻ بابت مارڪيٽ انتظاميا کان اجازت به ورتي هئي