ڪوئيٽا ۾ ٽريفڪ پوليس جي اهلڪار تي تشدد جي الزام هيٺ گرفتار ايم پي اي جي ڀائيٽي خلاف ڪيس داخل

0
19

گذريل ڏينهن پوليس واقعي بعد لهڙي هائوس تي چڙهائي ڪري پيپلزپارٽي جي ايم پي اي لياقت لهڙي جي ڀائيٽي دانش لهڙي کي گرفتار ڪيو هو، ٽريفڪ اهلڪار بابر علي جي فرياد تي دانش لهڙي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو

اهلڪار بابر علي ايف آءِ آر ۾ چيو آهي ته روڊ جي پاسي کان موٽر سائيڪل بيهاري ته سرڪاري گاڏي ۾ سوار دانش لهڙي پٺيان هارن وڄائڻ شروع ڪيا

مون کيس چيو ته رستو خالي آهي ته پوءِ هارن ڇو پيا وڄايو، ان تي ڪاوڙ ۾ اچي دانش لهڙي گاڏيءَ مان لهي مون کي مارڪٽ ڪرڻ شروع ڪئي، موقعي تي موجود شهرين مون کي بچايو، جوابدار دانش گار گند ڪندو ۽ ڌمڪيون ڏيندو هليو ويو