مريم نواز 220 ووٽ کڻي پنجاب جي پهرين عورت وزير اعليٰ بڻجي وئي

0
77

مريم نواز 220 ووٽ کڻي پنجاب جي پهرين عورت وزير اعليٰ بڻجي وئي، مريم نواز پاڪستان جي تاريخ جي پهرين عورت سي ايم ٿيڻ جو اعزاز به ماڻي ورتو

 سني اتحاد ڪائونسل جي نامزد اميدوار راڻا آفتاب کي اجلاس جي بائيڪاٽ سبب هڪ به ووٽ نه ملي سگهيو، مريم نواز ووٽ ڏيڻ تي پنهنجي پارٽي، پيپلزپارٽي، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ ٻين اتحادين جا ٿورا مڃيا

مريم نواز چيو ته جن ماڻهن مون کي ووٽ نه ڏنو مان انهن جي به وزيراعليٰ آهيان، منهنجي خواهش هئي ته اپوزيشن وارا به چونڊ عمل ۾ شامل هجن ها، منهنجي دل ۾ ڪنهن جي لاءِ به انتقام جو جذبو موجود نه آهي، بنا ڪنهن فرق جي صوبي جي عوام جي خدمت ڪنديس

 مريم نواز پاران مهانگائي جي خاتمي لاءِ پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيز جوڙڻ جو اعلان، نوجوانن کي اليڪٽرڪ موٽر بائيڪس، ليپ ٽاپ، ٽيبليٽس ۽ آءِ پيڊس ڏيڻ جو به اعلان  ڪيو ويو

مريم نواز چيو ته 60 هزار کان گهٽ آمدني رکندڙ خاندان مستحق آهن، مستحق خاندانن کي رمضان لاءِ نگهبان پئڪيج ٺاهيو آهي، مستحق خاندانن کي نگهبان پئڪيج گهرن تائين پهچائينداسين