پيپلزپارٽي اميدوار قادر مندوخيل خلاف ڪيس داخل

0
45

ڪراچي ۾ پولنگ اسٽيشن اندر گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جي الزام هيٺ پيپلزپارٽي جي اميدوار قادر مندوخيل خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو  آهي

پرزائيڊنگ آفيسر حافظ ڪليم الله جي فرياد تي مدينه ڪالوني ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته اين اي 242 تان اميدوار قادر مندوخيل مڇريل هجوم سان گڏ پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي

قادر مندوخيل سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪئي ۽ ڌمڪيون به ڏنيون، قادر مندوخيل جي پولنگ اسٽيشن ۾ ڀڃ ڊاهه جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي