پيپلزپارٽي پاران وفاقي بجيٽ بابت حڪومت پاران اعتماد ۾ نه وٺڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار

0
38

پيپلزپارٽي پاران نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ بابت حڪومت پاران اعتماد ۾ نه وٺڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو

 بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلزپارٽي جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

 بلاول پاران پيپلزپارٽي جي بجيٽ تجويزن بابت جوڙيل پارلياماني ڪميٽي کي حڪومت سان رابطو ڪرڻ جي هدايت، پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٻيهر طلب ڪيو ويو

 گذريل ڏينهن آصف علي زرداري به وزيراعظم سان ملاقات دوران بجيٽ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جو خيال رکڻ لاءِ چيو هو

 وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري وفاقي بجيٽ ۽ ملڪ جي معاشي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون هيون، ملاقات دوران رٿابندي جو وفاقي وزير احسن اقبال به موجود رهيو

هي به پڙهندا

نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جا امڪان