پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

0
34
پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي

عمر ايوب ٽوئيٽ ڪندي پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي جڏهن ته هن پي ٽي آءِ سينٽرل فنانس بورڊ جي چيئرمين جي عهدي تان به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

هن پي ٽي آءِ باني عمران خان کي خط به لکيو آهي

عمر ايوب جي خط ۾ چيو ويو آهي ته مئي 2023ع کان پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل طور ڪم ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي

 مان تمام گهڻو شڪر گذار آهيان جو اوهان مون تي اعتماد ڪيو، پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو

واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ اختلاف ٿي ويا هئا ۽ قومي اسيمبلي جي 21 ميمبرن الڳ گروپ ٺاهڻ جو اشارو ڏنو هو

ان کان اڳ ذريعن جو چوڻ آهي ته شهريار آفريدي جي استعيفيٰ بابت بيان کانپوءِ 27 کان وڌيڪ ميمبرن استعيفيٰ تي صلاح مشورا ڪيا، جڏهن ته شندانا گلزار ۽ شير افضل مروت سميت ڪيترن ئي ميمبرن پارٽي قيادت جي نااهلي تي احتجاج ڪيو هو