پاڪستان پاران گائيڊڊ راڪيٽ فتح ٽُو جو ڪامياب تجربو

0
34
پاڪستان پاران گائيڊڊ راڪيٽ فتح ٽُو جو ڪامياب تجربو
پاڪستان پاران گائيڊڊ راڪيٽ فتح ٽُو جو ڪامياب تجربو

پاڪستان گائيڊڊ راڪيٽ فتح ٽُو جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گائيڊڊ راڪيٽ فتح ٽُو جي رينج 4 سئو ڪلوميٽرز آهي

تجربي جو مقصد لانچ جي مشقن ۽ طريقيڪار کي مڪمل ڪرڻ هو، فتح ٽُو جديد ترين نيويگيشن سسٽم سان ليس آهي

پاڪ فوج جي ترجمان موجب فتح ٽُو درستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ ۽ ڪنهن به ميزائيل دفاعي نظام کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو

فتح ٽو راڪيٽ سسٽم کي پاڪستان جي آرٽلري ڊويزنز ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، چيف آف جنرل اسٽاف ۽ فوج جي ٻين اعليٰ آفيسرز راڪيٽ سسٽم جي لانچنگ جو مشاهدو ڪيو

صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن ڪامياب تجربي تي پاڪ فوج ۽ قوم کي واڌايون ڏنيون