ڪراچي ۾ کُليل مين هول وڌيڪ هڪ ٻار جي حياتي ڳڙڪائي ويو

0
57

ڪراچي ۾ کُليل مين هول وڌيڪ هڪ ٻار جي حياتي ڳڙڪائي ويو

ڪراچي ۾ کُليل مين هول وڌيڪ هڪ ٻار جي حياتي ڳڙڪائي ويو، ملير جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ 4 ورهين جو ٻارڙو مين هوِل ۾ ڪِري فوت ٿي ويو

 ٽن سالن جو محسن گذريل ڏينهن گهران نڪتو ته واپس نه موٽيو، وارثن پاران ڳولا دوران گٽر نالي ۾ نينگر جو لاش هٿ آيو

وارثن جو چوڻ آهي ته سموري شاهه لطيف ٽائون ۾ گٽر نالا کُليل آهن، دانهون ڪرڻ باوجود انتظاميا پاران گٽرن ۽ نالن تي ڍڪ نه رکيا ويا

وارثن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان جو ٻار فوت ٿيو آهي ته سڀاڻي ڪنهن جو به ٻار نالَي ۾ ڪري سگهي ٿو، واقعي جو ڪيس ذميوارن عملدارن خلاف داخل ڪري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو