نواز شريف ڪڻڪ اسڪينڊل تي وزيراعظم شهباز شريف کي طلب ڪري ورتو

0
58
نواز شريف ڪڻڪ اسڪينڊل تي وزيراعظم شهباز شريف کي طلب ڪري ورتو
نواز شريف ڪڻڪ اسڪينڊل تي وزيراعظم شهباز شريف کي طلب ڪري ورتو

مسلم ليگ ن جي قائد ميان محمد نواز شريف ڪڻڪ اسڪينڊل تي وزيراعظم شهباز شريف کي طلب ڪري ورتو

ذريعن موجب قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ جاتي امرا ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ن ليگ اڳواڻ چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو

ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ڪڻڪ اسڪينڊل تي وزيراعظم شهباز شريف کي سومر تي طلب ڪيو هو ۽ ساڳئي ڏينهن ن ليگ اڳواڻ شهباز شريف کي به رپورٽ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي

جاتي امرا ۾ ٿيل اجلاس ۾ نواز شريف کي ٻڌايو ويو ته جهاز ڪڻڪ کڻي روانا ٿيا، جنهن جي منظوري بعد ۾ ڏني وئي، جنهن جهاز کي 25 ڏينهن ۾ پهچڻو هو، اهو منظوري کانپوءِ رڳو 7 ڏينهن ۾ بندرگاهه تي پهتو

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پنجاب جي هارين کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي طريقيڪار تي به غور ڪيو ويو

ذريعن موجب نواز شريف چيو ته هاري ڪارڊ فوري طور تي ڏنا وڃن ته جيئن ايندڙ فصل ۾ هارين کي آساني ملي سگهي

ذريعن موجب فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ اچڻ کانپوءِ پنجاب ۾ ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو، هارين کي 500 ارب جا ڪسان ڪارڊ ڏنا ويندا

ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف حڪومت جي پهرين مهيني ۾ 6 لک 91 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي درآمد جو نوٽيس ورتو آهي

وزيراعظم شهباز شريف فيبروري 2024ع کانپوءِ ڪڻڪ جي درآمد جاري رکڻ جي جاچ جو حڪم ڏيندي ڪڻڪ جي درآمد جاري رکڻ ۽ ايل سيز کولڻ جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪئي