ميرپورماٿيلو واسي مغوي رتڪ ڪمار بازياب ٿي گهر پهچي ويو

0
45
ميرپورماٿيلو واسي مغوي رتڪ ڪمار بازياب ٿي گهر پهچي ويو
ميرپورماٿيلو واسي مغوي رتڪ ڪمار بازياب ٿي گهر پهچي ويو

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) ميرپورماٿيلو واسي مغوي رتڪ  ڪمار بازياب ٿي گهر پهچي ويو

ميرپورماٿيلي جي رهواسي نوجوان رتڪ ڪمار کي مهينو اڳ گهوٽڪي مان اغوا ڪيو ويو هو

علائقي ۾ چوٻول هلي رهيا آهن ته رتڪ ڪمار ڀنگ ڀري آزاد ٿيو آهي، پوليس طرفان آپريشن ۾ آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي ٻنڊي واري علائقي  ۾ ڏوهارين سان مقابلي دوران رتڪ  ڪمار کي بازياب ڪرايو ويو آهي

رتڪ ڪمار ۽ ٻين جي آزادي لاءِ ڪيترن ڏينهن کان گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو، جروار، ڳڙهي چاڪر، خانپور مهر، خانپور، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا جاري رکيا ويا

ذريعن جو چوڻ آهي ته مغوي کي راڄوڻي ڪوششن ذريعي70  لک ڀنگ ڀري بازياب ڪرايو ويو آهي