شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس: خالد لُنڊ ٻن پٽن سوڌو ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

0
79

ڪراچي: شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ نامزد ايم اين اي خالد پنهنجي ٻن پٽن سوڌو ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

خالد لنڊ پنهنجي ۽ پٽن جي گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت لاءِ عدالت سان رجوع ڪري ورتو

 عدالتي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد لنڊ چيو ته شهيد صحافيءَ جا وارث سادا ماڻهو آهن، شهيد جي وارثن کي اسان تي شڪ هجي ها ته هو پهرين ايف آءِ آر ۾ اسان جا نالا ڏين ها

هن چيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي لاش تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، اسان جو ڪيس ۾ هٿ ناهي

 ايم اين اي خالد لنڊ جي پٽ نور محمد لنڊ چيو ته اسان جو قتل ڪيس سان تعلق نه آهي، ڪيس کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان ٻاهران هتي پهتا آهيون

هن چيو ته شهيد صحافي جي قتل تي سياست ٿي رهي آهي، ڪيس جي سلسلي ۾ عدالت پهتا آهيون