ملالا يوسف زئي به اداڪارا بڻجي وئي برطانوي ويب سيريز ۾ نظر ايندي

0
44

لنڊن (شوبز  نيوز) نوبل انعام کٽيندڙ پاڪستاني سماجي ڪارڪن ملالا يوسف زئي جي برطانوي ميوزيڪل ويب سيريز ”وي آر ليڊي پارٽس“ جي پهرين جھلڪ منظر عام تي اچي وئي آهي

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ميوزيڪل ويب سيريز جي سيز 2 ڪالهه کان آمريڪي۽ برطانوي ٽي وي چينلز تي نشر ٿي وئي آهي. سيريز جي هن سيزن ۾ ملالا يوسف زئي به مختصر ڪردار ۾ جلوو ڏيکاريندي

سوشل ميڊيا تي مختلف پيجز تي ان ميوزيڪل ويب سيريز جي پهرين جھلڪ جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ملالا يوسفزئي کي هڪ گھوڙي تي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي

تصوير ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ملالا يوسف زئي ڪائو وبواءِ ٽوپي پائي گهوڙي تي ويٺل آهي جڏهن ته سيريز جون ٻيون اداڪارائون سندس ڀرپاسي ۾ بيٺل آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب هن ويب سيريز ۾ ملالا کي ميوزيڪل بينڊ جي رڪن طور ڏٺو ويندو