لبيڪ اللٰهم لبيڪ جي گونج: حج جي شروعات: اڄ رڪن اعظم، خطبو به ٿيندو

0
19
لبيڪ اللٰهم لبيڪ جي گونج: حج جي شروعات: اڄ رڪن اعظم، خطبو به ٿيندو
لبيڪ اللٰهم لبيڪ جي گونج: حج جي شروعات: اڄ رڪن اعظم، خطبو به ٿيندو

مڪو شريف (م ڊ) سڄي دنيا مان 15 لک کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا سعودي عرب پهتا آهن جيڪي حج ادا ڪندا. هن سال 4 لک سعودي عرب جا مقامي پانڌيئڙا جڏهن ته هڪ لک 60 هزار پاڪستاني پانڌيئڙا حج ادا ڪندا

حج جي رڪن جي ادائيگي جو پهريون مرحلو اڄ کان باقاعده شروع ٿي ويو آهي. حج پانڌيئڙ حج رڪن جي ادائيگي لاءِ سڀ کان اڳ بيت الله شريف جو طواف ڪندا آهن جنهن کي طواف قدوم چيو ويندو آهي جنهن کانپوءِ حاجي سڳورا منيٰ پهچندا آهن

سڄي دنيا مان آيل حج پانڌيئڙا منيٰ روانا ٿي رهيا آهن، پانڌيئڙن جي منيٰ روانگي جو عمل اڄ جاري رهندو. گرمي کان بچڻ لاءِ اڪثر پانڌيئڙن کي خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات بسن ذريعي منيٰ ماٿري پهچايو ويو