خالد لنڊ ڌمڪيون ڏنيون: وڪيل ڪيس لاءِ ٿاڻي پهچي ويا  

0
132
خالد لنڊ ڌمڪيون ڏنيون: وڪيل ڪيس لاءِ ٿاڻي پهچي ويا  
خالد لنڊ ڌمڪيون ڏنيون: وڪيل ڪيس لاءِ ٿاڻي پهچي ويا  

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ خالد لنڊ ۽ ٻين طرفان حفاظتي ضمانت لاءِ پهچڻ دوران وڪيلن طرفان ڪيل احتجاج ۽ نعري بازي بعد وڪيل اڳواڻ اعجاز احمد پ پ ايم اين اي خالد لنڊ، شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ ۽ ٻين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ پريڊي ٿاڻي تي درخواست ڏني آهي،  درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مين گيٽ تي احتجاج ڪري رهيا هئاسين، انهي دوران خالد لنڊ، شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ حفاظتي ضمانت ڪرائي پهتا، خالد لنڊ اسان کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏنيون، شهباز لنڊ پنهنجا ماڻهو گهرائي چيو ته گاڏي مان هٿيار ڪڍي  وڪيلن کي سندس اوقات (حيثيت) ڏيکاريو، گاڏي جو دروازو کولي اسان کي هٿيار ڏيکاري ڌمڪي ڏني وئي ته جيڪڏهن احتجاج ختم نه ڪيو ته جان کان ماري ڇڏينداسين، وڪيل ساٿي گڏ ٿيڻ  تي خالد لنڊ وارا ڀڄي ويا، انهن سان 15 کان 20 ماڻهو گڏ هئا، خالد، شهباز، نور محمد لنڊ ۽ ٻين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

هن کي به پڙهندا

خالد لنڊ ۽ 2 پٽن جي ضمانت منظور: نعريبازي: شهيد گڏاڻي جا قاتل ظاهر ڪندس: خالدلنڊ