خالد لنڊ ۽ 2 پٽن جي ضمانت منظور: نعريبازي: شهيد گڏاڻي جا قاتل ظاهر ڪندس: خالدلنڊ 

0
37
خالد لنڊ ۽ 2 پٽن جي ضمانت منظور: نعريبازي: شهيد گڏاڻي جا قاتل ظاهر ڪندس: خالدلنڊ 
خالد لنڊ ۽ 2 پٽن جي ضمانت منظور: نعريبازي: شهيد گڏاڻي جا قاتل ظاهر ڪندس: خالدلنڊ 

 ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه ۽ حبيب جمالي ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپور ماٿيلي جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس 2 پٽن نور محمد ۽ شهباز لنڊ جي 15 ڏينهن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت کين ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ٻئي طرف خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي ضمانت منظور ٿيڻ بعد شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي حمايتي وڪيلن  خالد لنڊ خلاف نعريبازي ڪئي، ٻئي طرف ضمانت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي  پ پ ايم اين اي خالد لنڊ چيو ته ڪيس کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻنهي پٽن کي پرڏيهه مان گهرايو اٿم، هن چيو ته اسين چاهيون ٿا ته شهيد گڏاڻي جي قتل تي سياست نه ٿئي، وارثن سان انصاف ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن شهيد جا وارث الزام هڻن ها ته منهنجو نالو اڳ  ۾ئي ايف آءِ آر ۾ ڏين ها، هن وڌيڪ چيو ته نصرالله گڏاڻي جو سياسي قتل ٿيو آهي, انهي ڪيس ۾ اسانجو هرڀرو نالو بدنام ڪيو پيو وڃي, هن چيو ته في الحال اليڪشن هارايل پاڻ کي چمڪائي وٺن، گڏاڻي کي قتل ڪرائيندڙ جو نالو بعد ۾ وٺنداسين

هن کي به پڙهندا

خالد لنڊ ڌمڪيون ڏنيون: وڪيل ڪيس لاءِ ٿاڻي پهچي ويا