ڪراچي ۾ پوليس موبائيل ۾ آيل ساده لباس پهريل اهلڪارن پاران پان جي ڪيبن مان ڦرلٽ

0
24

ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾  پوليس موبائيل ۾ آيل ساده لباس پهريل اهلڪارن پاران پان جي ڪيبن مان ڦرلٽ جي وڊيو وائرل ٿي وئي

 وڊيو ۾ اهلڪار ڪيبن مان سگريٽ ۽ پئسا کڻندي نظر اچي رهيا آهن، اهلڪارن پاران ڪيبن مان ڦرلٽ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي

 دوڪاندار جو چوڻ آهي ته منهنجو 70 هزار روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، هڪ اهلڪار ڪيبن ۾ ٽپي اندر آيو

دڪان جو چوڻ هو ته  ڪيش ڪائونٽر مان 35 هزار روپين جي رقم، سگريٽ ۽ ٻيو سامان ڦريو ويو، ساڳيا ماڻهو 2 جون تي به اچي ڦرلٽ ڪري ويا هئا

 گلشن اقبال پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، چيڪ ڪيو پيو وڃي ته اهلڪار ڪهڙي ٿاڻي جا آهن