جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار

0
44
جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار
جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار

سپريم ڪورٽ جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، عمر جي حد پوري ٿيڻ سبب جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي رٽائرڊ جج تصور ڪيو ويندو

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت فيصلي ۾ چيو ته شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف اپيلون منظور ڪيون وڃن ٿيون

 ڪيس دير سان مقرر ٿيڻ سبب شوڪت عزيز صديقي جي عمر 62 سال مڪمل ٿي چڪي آهي، عمر پوري ٿيڻ جي ڪري شوڪت عزيز صديقي کي عهدي تي بحال نه ٿو ڪري سگهجي