ڄامشورو ويجهو مبينا طور ڦر دوران گرفتار ڪيل پوليس اهلڪار خلاف ڦر جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل

0
50
ڄامشورو ويجهو مبينا طور ڦر دوران گرفتار ڪيل پوليس اهلڪار خلاف ڦر جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل
ڄامشورو ويجهو مبينا طور ڦر دوران گرفتار ڪيل پوليس اهلڪار خلاف ڦر جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل

ڄامشورو ويجهو مبينا طور ڦر دوران گرفتار ڪيل پوليس اهلڪارعمران راهوجو خلاف ڦر جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل،

 ڦر جي هڪ ڪيس ۾ اهلڪار عمران سان گڏ سندس ساٿي جوابدار رضوان بروهي کي به نامزد ڪيو ويو پوليس اهلڪار عمران کي گذريل ڏينهن ڦر جي ڪوشش دوران سوگهو ڪيو ويو هو

 ڄامشورو ٿاڻي تي خدابخش سمون جي فرياد تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته اهلڪار عمران راهوجو ۽ سندس ساٿي جوابدار رضوان بروهي اسان کان موٽرسائيڪل ۽ هڪ لک روپيا ڦر ڪيا هئا

نظر حسن جوڻيجو نالي ٻئي فريادي پاران داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته پوليس اهلڪار عمران ٻن ساٿين سميت ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدار فرار ٿي ويا

 گذريل رات دير سان ڦر جي ڪوشش دوران فيز ٿري وٽ رهواسين اهلڪار عمران کي سوگهو ڪري پوليس جي حوالي ڪيو هو