ايران جو صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان ۽ ٻيا هيليڪاپٽر حادثي ۾ اجل جو شڪار

0
45

ايران جو صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان، ايراني سپريم ليڊر جو ترجمان ۽ ٻيا هيليڪاپٽر حادثي ۾ اجل جو شڪار

ايران جي سرڪاري ميڊيا هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر، پرڏيهي وزير، ايراني سپريم ليڊر جي ترجمان امام محمد علي الهاشم جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، هيليڪاپٽر حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿيلن ۾ ايراني صدر جي گارڊز جو سربراهه مهدي موسوي ۽ ايراني صوبي اوڀر آذر بائيجان جو گورنر مالڪ رحمتي به شامل

ايران جي سرڪاري خابرو اداري ارنا موجب صدر ابراهيم الرئيسي گذريل ڏينهن اوڀر آذر بائيجان صوبي ۾ هڪ ڊيم جو افتتاح ڪيو هو، صدر ابراهيم رئيسي پرڏيهي وزير ۽ ٻين سان گڏ هيليڪاپٽر ۾ سوار ٿي تبريز وڃي رهيو هو ته خراب موسم سبب سندن هيليڪاپٽر پهاڙي علائقي ۾ ڪري پيو، هيليڪاپٽر جي ملبي جا ڊرون فٽيج به سامهون اچي ويا

ايراني صدر جي هيليڪاپٽر سان حادثو تبريز کان 100 ڪلوميٽر پري ديرمز جي علائقي ۾ پيش آيو، اڏام جي اڌ ڪلاڪ بعد صدارتي هيليڪاپٽر جو ٻن ٻين هيليڪاپٽرز سان رابطو ڪاٽا ٿي ويو

حادثي واري هنڌ پهتل ريسڪيو ٽيمن صدر، پرڏيهي وزير ۽ ٻين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، 63 سالن جو ابراهيم رئيسي 2021 ۾ ايران جو صدر چونڊجي آيو هو