چين ۾ ڪتن کي رنگ ڏئي چڙيا گهر ۾ پانڊا بڻائي رکيو ويو، شهرين جي تنقيد

0
87
چين ۾ ڪتن کي رنگ ڏئي چڙيا گهر ۾ پانڊا بڻائي رکيو ويو، شهرين جي تنقيد
چين ۾ ڪتن کي رنگ ڏئي چڙيا گهر ۾ پانڊا بڻائي رکيو ويو، شهرين جي تنقيد

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چين جي صوبي جيانگوسو ۾ قائم تائي زو انتظاميا جي ڪتن کي رنگ ڪري پانڊا بڻائڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي

پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب تائي زو انتطاميا چائو چائو نسل جي ٻن ڪتن کي پانڊا بڻائي چڙيا گهر جي انڪوزر ۾ عوام جو ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ رکيو ته تنقيد ڪئي وئي، چائو چائو ڪتا وڏن وارن وارا هوندا آهن جن سبب هو رڇن جهڙا نظر ايندا آهن، انهن جو تعلق چين جي اتر واري علائقن سان آهي

زو انتظاميا اهڙو ڪم پنهنجي سياحت کي هٿي ڏيڻ ۽ ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو، جتي انتظاميا ٻن چائو چائو ڪتن جي وارن کي ڪٽي ڪري انهن کي ڪارو ۽ اڇو رنگ ڪري پانڊن جهڙو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، ميديا رپورٽس موجب زو انتظاميا طرفان ڊاگ پانڊا جي نالي سان اشتهارو به هلايو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته زو چڙيا گهر ۾ اصلي پانڊا نه هئڻ سبب هنن ڪتن کي رنگ ڏئي ڪري پانڊن جهڙو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي

انتظاميا جي اها ڪوشش سياحن کي نه وڻي، ماڻهن جانورن تي ظلم ۽ ڌوکي لاءِ چڙيا گهر جي اختيارين کي تنقيد جو نشانو بڻايو، انتظاميا طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته اهو هڪ تفريح جي طور ڪيو ويو، جانورن تي ڪيل رنگ ڪتن جي صحت لاءِ ڪنهن به قسم جو خطرو نه ٿو بڻجي سگهي.