آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ سياسي بي يقينيءَ سبب معيشت کي درپيش خطرن کان خبردار ڪري ڇڏيو

0
45
آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ غير معمولي ناڪاري خطرن بابت خبردار ڪري ڇڏيو
آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ غير معمولي ناڪاري خطرن بابت خبردار ڪري ڇڏيو

آءِ ايم ايف  پاڪستان ۾ چونڊن باوجود سياسي بي يقيني برقرار هئڻ جي نشاندهي  ڪري ڇڏي، آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ سياسي بي يقينيءَ سبب معيشت کي درپيش خطرن کان خبردار ڪري ڇڏيو

 آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ چونڊون ٿيڻ باوجود سياسي بي يقيني  برقرار آهي، اليڪشن کان پوءِ ٻن وڏين جماعتن  ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي مخلوط حڪومت ٺاهي، پي ٽي آءِ  جي حمايت يافته ميمبرز قومي اسيمبلي ۾ وڏي اپوزيشن ٺاهي

 اليڪشن ۾ مجموعي طور  تي پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوارن اميدوارن ٻين سياسي گروپس کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، پيچيده سياسي صورتحال، مهانگائي ۽ سماجي اڻبرابري پاليسي سڌارن جي عملدرآمد کي متاثر ڪري سگهن ٿا

رپورٽ موجب اليڪشن ٿيڻ باوجود نئين حڪومت لاءِ سياسي بحران چئلينج بڻجي ويو، سياسي بي يقينيءَ واري صورتحال پاڪستان کي هڪ نئين بحران ڏانهن گهليندي پئي وڃي

آءِ ايم ايف موجب پي ٽي آءِ جي حمايت يافته  ميمبرز جو قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي بئنچ تي ويهڻ ۽ اپوزيشن الائنس طرفان ملڪ گير احتجاج جو فيصلو نئين حڪومت لاءِ سياسي بي يقيني کان گهٽ ناهن