هي آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو، ترقي ۾ پاڙيسرين کي پوئتي ڇڏينداسين، ڏکيا فيصلا ڪندس، اشرافيه کي قرباني ڏيڻي پوندي: وزيراعظم

0
37
واعدو ڪريان ٿو ته آءِ ايم ايف جو موجوده پروگرام پاڪستان جي تاريخ جو آخري پروگرام هوندو: وزيراعظم
واعدو ڪريان ٿو ته آءِ ايم ايف جو موجوده پروگرام پاڪستان جي تاريخ جو آخري پروگرام هوندو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته واعدو ڪريان ٿو ته هاڻوڪو آءِ ايم ايف پروگرام پاڪستان جي تاريخ جو آخري پروگرام هوندو

قوم کي خطاب دوران وزيراعظم چيو آهي ته صنعتن لاءِ بجلي ساڍا 10 روپيا في يونٽ سستي ڪئي آهي، اُن سان صنعتن تان 200 ارب رپين جو بار گهٽجي ويندو، عوام تي بار بڻيل وزارتن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو اٿئون، ورهين کان اربين رپين جي خساري ۾ رهندڙ ادارن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي، پاڪستان معاشي ڏکائين مان نڪري خوشحالي ڏانهن وڌي رهيو آهي

وزيراعظم چيو ته مهانگائي 38 سيڪڙو مان گهٽجي 12 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، وزيراعظم چيو ته شهيدن ۽ غازين جي توهين ڪندڙ ملڪي ترقي جو دشمن آهي، دهشتگردي، ڦورو، بجلي چور، نفعي خور، بدعنوان ۽ ٽئڪس چور ملڪي خوشحالي جا دشمن آهن

وزيراعظم قوم کي خطاب ڪندي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته فلسطينين تي ظلم ڪيو پيو وڃي، ڪشميرين تي به ظلم ٿي رهيو آهي، جنهن جو مثال نٿو ملي، الله پاڪ کان دعا آهي ته ڪشميرين ۽ فلسطينين کي سندن آزادي جو حق ملي. هن چيو ته اسان 2022ع ۾ اقتدار سنڀاليو ۽ پاڪستان کي ڏيوالي کان بچايو، اسان آصف زرداري ۽ نواز شريف جي رهنمائي ۾ ڪم ڪيو، پاڪستان اڄ مسئلن مان نڪري آهستي آهستي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي اچي رهيو آهي

وزيراعظم چيو ته ماضي کي ياد ڪري روئڻ سان ڪو فائدو نه ٿيندو، ماضي مان سبق سکي پاڪستان کي وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪرڻو آهي، ذاتي انا، مفادن ختم ڪري غريب عوام جي خدمت ڪرڻي آهي، جن ادارن جو عوام جي خدمت سان ڪو واسطو ناهي، انهن کي ختم ڪرڻو پوندو

وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جي ذميواري آهي حڪومت جا شاهاڻا خرچ ختم ڪنداسين، امير غريب جو فرق ختم ڪرڻو آهي، اشرافيه جا شاهاڻا خرچ ختم ڪرڻا پوندا، ٽيڪس پگهاردار طبقي تي لڳي رهيو آهي، وطن لاءِ ڏکيا فيصلا ڪنداسين، ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪندس، جيڪا قرباني ڏيڻي آهي گڏجي ڏينداسين، جدوجهد جي شروعات حڪومت ۽ اشرافيه کان ڪري رهيو آهيان، ملڪ جي تقدير تبديل ڪرڻي آهي، سفر مشڪل آهي پر ناممڪن ناهي، پاڪستان کي وڃايل مقام واپس ڏيارينداسين

وزيراعظم چيو واعدو ٿو ڪيان ته موجوده آءِ ايم ايف پروگرام پاڪستان جي تاريخ جو آخري پروگرام هوندو، اسان مستقبل جو رستو چونڊي ورتو آهي، عوامي پئسي تي عياشي نه ٿيندي، قوم جو هڪ هڪ پئسو ملڪي ترقي تي خرچ ٿيندو، اسان پاڙيسرين کي پوئتي ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت کي 100 ڏينهن مڪمل ٿي چڪا آهن، گذريل ڏينهن پيٽرول جي قيمت وڌيڪ گهٽ ڪئي، ڊيزل سستو ڪيو، عوام کي رليف ملندو، خساري ۾ هلندڙ ادارا وڪڻي رهيا آهيون، تعليمي ايمرجنسي لڳائي آهي.