سئو يونٽ استعمال ڪندڙن لاءِ مفت بجلي جو اعلان

0
18
سئو يونٽ استعمال ڪندڙن لاءِ مفت بجلي جو اعلان
سئو يونٽ استعمال ڪندڙن لاءِ مفت بجلي جو اعلان

ڪراچي: سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر شاھ چيو آهي ته مقامي سطح تي سولر پينلز ٺاهي وڏي پيماني تي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيڻ سان گڏ روزگار جا موقعا پڻ حاصل ڪري سگهجن ٿا

سنڌ حڪومت پاران سنڌ ۾ سولر پينل تيار ڪندڙ پرڏيهي سيڙپڪارن کي خاص مراعتون ڏنيون وينديون. ڪالهه ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل 10 سالن ۾ توانائي کاتي  بجلي جي بلن جي ٻيهر جائزي ذريعي 20 ارب رپين کان وڌيڪ جي بچت ڪرائي، هلندڙ سال به ڪي اليڪٽرڪ جي بلن جي ري ڪنسيليشن جي نتيجي ۾ توانائي کاتي جا 2 ارب روپين کان وڌيڪ بچايا

هن چيو ته غريب عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ چار سولر پارڪ ٺاهي رهيا آهيون، جن مان 3 ڪراچي ۽ هڪ مانجهند ۾ تعمير ڪيو ويندو، هن چيو ته 100 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ مفت بجلي جو پلان تيارآهي

سولر پارڪن ۽ مني گرڊ ذريعي 100 يونٽ مفت ڏبا،  اسان سولر پارڪن لاءِ بجيٽ  ۾ 5 ارب رکيا آهن، اسان  2 لک گهراڻن کي سستا سولر پينل ڏينداسين، جنهن جو 80 سيڪڙ خرچ سرڪار ڀريندي