حيدرآباد ۾ گڏهه کي ظلم جو نشانو بڻائيندڙ جنوني شخص گرفتار، جيل موڪلڻ جو حڪم

0
34
حيدرآباد ۾ گڏهه کي ظلم جو نشانو بڻائيندڙ جنوني شخص گرفتار، جيل موڪلڻ جو حڪم
حيدرآباد ۾ گڏهه کي ظلم جو نشانو بڻائيندڙ جنوني شخص گرفتار، جيل موڪلڻ جو حڪم

حيدرآباد: حيدرآباد ڀرسان کٿڙ وٽ 3 ڏينهن اڳ بدترين تشدد جو شڪار گڏهه جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ جو پوليس نوٽيس وٺندي جنوني شخص کي گرفتار ڪري ورتو

وڊيو ۾ واضح طور نظر اچي ٿو ته گڏهه جي ڄنگهن ۽ پٺي تي بدترين تشدد ٿيل آهي جنهن ڪري هو هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهي

سيري پوليس موجب، واقعو 12 جون تي پيش آيو، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد معاملي جي جاچ شروع ڪري گذريل ڏينهن جوابدار مير رند خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو

ايس ايڇ او سيري موجب جوابدار مير حسن رند بي زبان جانور کي ڏنڊن سان تشدد جو نشانو بڻائي بي حال ڪيو، پوليس گڏهه جو جانورن جي ڊاڪٽر کان علاج ڪرايو آهي

سيري پوليس موجب، واقعو پڃاري واهه ڀرسان ڪاڪا ميرجت جي زرعي زمين وٽ پيش آيو، ڄاڻايل علائقي ۾ پهتاسين ته ڪجهه ماڻهن ٻڌايو ته مير حسن رند نالي شخص پنهنجي گڏهه سان وڙهڻ جو جواز ڄاڻائي ڄاڻايل گڏهه کي ڏنڊا هنيا جنهن ڪري سندس ساڄي پاسي واري ڄنگهه ٽٽي پئي، جڏهن ته تشدد جو شڪار گڏهه جو اڃا تائين ڪو مالڪ ظاهر ناهي ٿيو

جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي، جنوني شخص مير رند کي گرفتار ڪري لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو، جڏهن ته عدالت کيس 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو آهي

علائقي ۾ چئوٻول آهن ته ڄاڻايل گڏهه تي ڪهاڙين جا وار ڪري تشدد ڪيو ويو آهي، مير رند نالي شخص گڏهه گاڏي هلائي ٿو جنهن جي گڏهه سان ڄاڻايل لاوارث گڏهه جو جهيڙو ٿيو جنهن تي هن لاوارث حالت ۾ گهمندڙ گڏهه تي وحشياڻو تشدد ڪري کيس هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻائي هوٽل پويان بيد مشڪ جي وڻ هيٺان ڦٽو ڪيو

ٻن ڏينهن کان تشدد جو شڪار گڏهه جي وڊيو وائرل ٿيڻ باوجود اينيمل هسبنڊري کاتي ڪو نوٽيس نه ورتو