گيٽ 47 کي ڪافر ڊيم ۽ ڪيسيئن گيٽ لڳائي بيراج کي بحال ڪري ڇڏينداسين: ڄام خان شورو

0
30

سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته سکر بيراج جو تباهه ٿيل گيٽ 44 تيار ٿي چڪو آهي، گيٽ 47  شپ يارڊ ۾ ٺهي رهيو آهي، 20 جولاءِ تي گيٽ 47 تيار ٿي ملندو

سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شوروسنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي وڌيڪ چيو ته

 گيٽ 47 جو ڪافر ڊيم 3 ڏينهن اندر تيار ٿي ويندو،  گيٽ 47 کي ڪافر ڊيم ۽ ڪيسيئن گيٽ لڳائي بيراج کي بحال ڪري ڇڏينداسين

 ڄام خان شورو چيو ته تنقيد ڪندڙن کي خبر نه آهي ته سنڌ جي آبپاشي کاتي جا جوان ڪيڏو خطرناڪ ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي بيراج جي تاريخ ۾ اهڙو ڪم ڪٿي به نه ٿيو هوندو

هن چيو ته  نوجوان ملازم اڍائي ٽن جون ٻوريون کڻي هڪ لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جي وهڪري آڏو بند ٻڌي رهيا آهن