وزيراعظم شهباز شريف پاران گيس جي قيمتن ۾ تازي واڌ تي ڪاوڙ جو اظهار

0
59

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف توانائي واري وزارت کي هڪ کان ٽن مهينن ۾ 16 ٽاسڪ مڪمل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته گئس جي اگهن ۾ تازي واڌ جي فرانزڪ آڊٽ رپورٽ هڪ مهيني ۾ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم گئس جي قيمتن ۾ تازي واڌ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٽن مهينن ۾ گئس انفراسٽرڪچر، گيس چوري ۽ ناقص ڪارڪردگي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

ذريعن موجب اجلاس ۾ اوگرا ۽ گيس ڪمپنين جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه ايران پاڪستان گئس پائيپ لائين منصوبي جي نگراني لاءِ فوري طور تي بين الصوبائي ڪميشن قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ مهيني ۾ اضافي بجلي جي فراهمي لاءِ نوان صنعتي زون ٺاهڻ جو پلان پيش ڪيو ويندو. پاور اينڊ پيٽروليم ڊويزن کي ٻن هفتن اندر گردشي قرضن جو حل تيار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي

ياد رهي ته آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) سوئي ناردرن طرفان گئس جي اگهن ۾ 155 سيڪڙو واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪري رهي آهي

ذريعن موجب سوئي ناردرن گئس ڪمپني 4 هزار 489 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو جي قيمت جي تجويز ڏني آهي، گئس جي اگهن ۾ واڌ سان بلن ۾ سراسري طور 155 سيڪڙو اضافو ٿيندو

ذريعن جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ هڪ سال دوران گئس جي اگهن ۾ 600 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي