سجاول ۾ گندگي جا ڍير، گٽر نالا اٿلي پيا، شهرين جو اتنظاميا خلاف احتجاج

0
20

سجاول (رپورٽر) سجاول شهر جي رهواسي حيدر شاھ ٽائون انتظاميا جي نااهلي خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي هن چيو ته وارڊ نمبر 7 ۾منھنجي گهر اڳيان ھڪ وڏو گٽر نالو ٺهيل آهي جنهن جو منهن کليل هجڻ ڪري ان ۾ ڪيترائي دفعا ٻار ڪري چڪا آھن

ھن چيو ته گٽر نالي مٿان ڍڪ رکي گٽر نالي جو منھن بند ڪرائڻ لاءِ ٽائون ڪاميٽي سجاول جي چيئرمين سيد آفتاب شاھ شيرازي کي ڪافي ڀيرا چيو آھي پر هو ڌيان ئي نٿو ڏي، جڏھن ته گٽر نالي ڀرسان پ پ پ اڳواڻ ۽ ڄاڻايل وارڊ جي ڪائونسلر حاجي محسن سنڌي جو گهر پڻ آهي جنهن کي به ڪافي ڀيرا چئي چڪو آهيا پر هو به ڪن ٽار ڪيو ويٺو آهي

ھن چيو ته جيڪڏھن گٽر نالي مٿان ڍڪ رکي گٽر نالي جو منهن بندنه ڪيو ويو ته ڪنھن به وقت ننڍڙا ٻار يا ڪا گاڏي ان ۾ ڪرڻ ڪري وڏي نقصان جو انديشو آھي،  متاثر شھري ڊي سي سجاول کان گُهر ڪندي چيو ته اسان جي  وارڊ نمبر 7 جي گٽر نالي جو منهن بند ڪرائي ڏنو وڃي ته جيئن اسان جا ننڍڙا ٻار موت جي منهن مان بچي سگهن