سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير نواز ليگ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
44

سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير نواز ليگ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، محمد زبير چيو آهي ته ڪيتري ئي وقت کان پارٽي جي فيصلن بابت خدشا هئا

هن جو چوڻ هو ته هاڻ نواز ليگ کي الوداع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پارٽي جي ڪجهه فيصلن تي خدشا هئا

 محمد زبير وڌيڪ چيو ته سياسي مستقبل جو فيصلو دوستن جي مشاورت سان ڪندس

 محمد زبير اڍائي سالن کان نواز ليگ کان پاسيرو هو، پارٽي قيادت جي اجلاسن ۾ شرڪت به نه ڪندو هو