اٽو، دال، چانور، کير، مصالحن سوڌو پيڪنگ شين تي 18سيڪڙو ٽيڪس لاڳو

0
27
اٽو، دال، چانور، کير، مصالحن سوڌو پيڪنگ شين تي 18سيڪڙو ٽيڪس لاڳو
اٽو، دال، چانور، کير، مصالحن سوڌو پيڪنگ شين تي 18سيڪڙو ٽيڪس لاڳو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئين بجيٽ ۾ اٽي، دالين، چانورن، کنڊ ۽ مصالحن سوڌو ٻين پيڪنگ ۾ ايندڙ بنيادي شين تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، سينيٽ جي ناڻي ڪاميٽي نان فائلرز جي فون ۽ انٽرنيٽ تي 75سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، موبائل فون سمز بلاڪ ڪرڻ ۽ پرڏيهه سفر تي پابندي جي تجويز منظور ڪري ورتي

ڪاميٽي ٻارن جي ڊٻي واري کير تي لاڳو 18سيڪڙو ٽيڪس گهٽائڻ جي سفارش ڪئي، ڪاميٽي پي آءِ اي نجڪاري جي حمايت ڪندي نقصانن جي ادائگي 10 سال ڪرڻ جي تجويز منظور ڪري ورتي، پراپرٽي خريداري تي ليٽ فائلرز تي ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز منظور ڪري ورتي جڏهن ته ڪاميٽي پارليامينٽرينز جو رڪارڊ ٽيڪس وصولي لاءِ نادرا کي ڏيڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي

تفصيل موجب  نئين بجيٽ ۾ اٽي، دالين، چانورن، کنڊ ۽ مصالحن سوڌو ٻين پيڪنگ ۾ ايندڙ بنيادي شين تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، جنرل اسٽورز تي موجود سمورين شين تي 18سيڪڙو سيلز ٽيڪس هوندو، سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايف بي آر چيئرمين امجد زبير ۽ انڊسٽري نمائندي شيخ وقار احمد شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ مقامي طور تي تيار ٻارن جي کير تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو، انڊسٽري نمائندي شيخ وقار چيو ته سيلز ٽيڪس هوريان هوريان وڌايو وڃي، سيلز ٽيڪس سان ٻارن جي کير جي اگهه ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي ويندي. ايف بي آر چيئرمين چيو ته کير جي ڪمپنين ٻه ورهين دوران پنهنجا اگهه ڪيترائي ڀيرا وڌايا، کير جي ڪمپنين واهپيدارن تي وڌيڪ بار وڌايو پر حڪومت کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، حيران ڪندڙ آهي ته ملٽي نيشنل ڪمپنين جا ڊسٽري بيوٽرز به ٽيڪس نيٽ ۾ ناهن، ايندڙ مالي سال کان زيرو ريٽنگ مڪمل ختم ڪئي وئي آهي

ايف بي آر چيئرمين موجب درآمدي کير مقامي کير کان ٻيڻ تي وڪرو ٿي رهيو آهي، ايندڙ مالي سال کان پروسيسنگ ۽ پيڪڊ اٽي، دالين، چانورن، کنڊ ۽ مصالحن تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو هوندو، جيڪڏهن اسان 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ڇڏي ڏيون ته ڪمپني به پنهنجي قيمت 18 سيڪڙو گهٽ ڪري

ايف بي آر چيئرمين چيو ته سمورين پيڪنگ واري شين تي 18سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو آهي، عام دڪان تي وڪرو ٿيندڙ کليل شين تي ٽيڪس ناهي لڳايو، ڪاميٽي ٻارن جي ڊٻي واري کير تي لاڳو 18سيڪڙو ٽيڪس گهٽائڻ جي سفارش ڪئي، ڪاميٽي چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ عورتن جي اڪثريت ٻارن لاءِ فارمولا کير استعمال ڪنديون آهن

ايف بي آر چيئرمين فنانس بل تي بريفنگ ڏيندي چيو ته نان فائلر تي ود هولڊنگ تي هاءِ ريٽ آهي، نان فائلرز جون سمون بند ڪري رهيا آهيون، پرڏيهه وڃڻ تي پابندي هوندي، پاور ڊويزن سان نان فائلرز جي بجلي، گئس جي ميٽرز جو معاملو به اٿاريو آهي، سينيٽر انوشه رحمان چيو ته نان فائلرز لاءِ سزا وڌائي رهيا آهيو، سمز بلاڪ ڪريو يا پرڏيهه وڃڻ بند ڪريو

سينيٽر فاروق نائڪ چيو ته نان فائلرز کي فائلرز بڻائڻ لاءِ اهي سڀ قدم کڻڻا پوندا، ڪاميٽي نان فائلرز جون موبائل فون سمز بلاڪ ڪرڻ ۽ پرڏيهه سفر تي پابندي جي تجويز منظور ڪري ورتي. ڪاميٽي نان فائلرز جي فون ۽ انٽرنيٽ تي 75سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني

ڪاميٽي پهرين جولاءِ کان پراپرٽي تي 15سيڪڙو ڪيپٽل گينز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز رد ڪئي. سينيٽر محسن عزيز چيو ته پراپرٽي جي خريداري تي ليٽ فائلر تي ٽيڪس نان فائلر جي برابر هجڻ گهرجي، ڪاميٽي پراپرٽي خريداري تي ليٽ فائلرز تي ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز منظور ڪري ورتي

ناڻي ڪاميٽي پي آءِ اي نجڪاري واري تجويز جي حمايت ڪئي، ايف بي آر چيئرمين چيو ته پي آءِ اي جي نقصانن جي ادائگي 10 سال ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ڪابينا جي فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ فنانس بل ۾ تجويز ڏني آهي، پي آءِ اي نجڪاري ۾ ڪجهه مسئلا آهن، سينيٽر انوشه رحمان چيو ته بظاهر خريدار کي فائدو ڏيڻ لاءِ ايئن ڪيو پيو وڃي، ڪاميٽي ميمبرن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ٿيڻ گهرجي، ڪاميٽي پي آءِ اي نقصانن جي ادائگي 10 سال ڪرڻ جي تجويز منظور ڪئي.