ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پگهاردار طبقي تي ٽيڪسز ۾ واڌ تي اعتراض رد ڪري ڇڏيا

0
44
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پگهاردار طبقي تي ٽيڪسز ۾ واڌ تي اعتراض رد ڪري ڇڏيا
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پگهاردار طبقي تي ٽيڪسز ۾ واڌ تي اعتراض رد ڪري ڇڏيا

ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پگهاردار طبقي تي ٽيڪسز ۾ واڌ تي اعتراض رد ڪري ڇڏيا، پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير چيو ته وڌيڪ آمدني وارن ماڻهن تي وڌيڪ ٽيڪس لڳندي، ڪنهن کي به ان تي اعتراض نه هئڻ گهرجي

هن چيو ته اسان کي ٽيڪس جو دائرو وڌائڻو پوندو، جي ڊي پي تي 10 سيڪڙو ٽيڪس وارو رجحان برداشت ڪرڻ جوڳو نه آهي، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ريشو کي 13 سيڪڙو تائين آڻڻو آهي

 محمد اورنگزيب چيو ته غير دستاويزي معيشت کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن سان ڪرپشن گهٽجي ويندي ۽ شفافيت وڌي ويندي، نان فائيلرز جو اصطلاح شايد ئي ڪنهن ملڪ ۾ هجي، نان فائيلرز جي لاءِ ٽيڪس ريٽ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي

 وفاقي وزير چيو ته بجيٽ بابت سمورن اتحادين کي پريزنٽيشن ڏئي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، آءِ ايم ايف سان ورچوئل ڳالهيون هلي رهيون آهن، اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان جولاءِ تائين اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو