وفاقي سرڪار حيسڪو ۽ سيپڪو جون رهتون ڄاڻائي سنڌ جا 13 ارب روپيا ڪاٽي ڇڏيا

0
47
وفاقي سرڪار حيسڪو ۽ سيپڪو جون رهتون ڄاڻائي سنڌ جا 13 ارب روپيا ڪاٽي ڇڏيا
وفاقي سرڪار حيسڪو ۽ سيپڪو جون رهتون ڄاڻائي سنڌ جا 13 ارب روپيا ڪاٽي ڇڏيا

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان گڏجاڻي دوران شڪايتون ڪيو آهن ته وفاقي سرڪار حيسڪو ۽ سيپڪو جون رهتون ڄاڻائي سنڌ جا 13 ارب روپيا ڪاٽي ڇڏيا، ٻين صوبن کي نوان پراجيڪٽس مليا پر سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو، ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير لاءِ رکيل فنڊز مان به سنڌ کي ڪجهه نه مليو

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سي ايم هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي

وڏي وزير چيو ته 2015 ۾ ايف بي آر گاڏين جي رجسٽريشن جي مد ۾ هڪ ارب جي خبر ٻڌائي 6 ارب روپين جي ڪٽوتي ڪئي، سنڌ کي ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير لاءِ فنڊز ملڻ گهرجن

 وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته ايف بي آر ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ موجود مسئلا حل ڪرائينداسين، سنڌ جا ايٽ سورس ڪٽوتيءَ جا مسئلا به حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين

وڏي وزير چيو ته سنڌ جا صنعتڪار گئس جي وڌندڙ اگهن سبب پريشان آهن، ناڻي واري وزير چيو ته ان معاملي تي پيٽروليم جي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪندس