تعليم کاتي پاران رٽائرمينٽ گهرندڙ ماسترياڻي کان به رشوت طلب ڪرڻ جو انڪشاف

0
34
تعليم کاتي پاران رٽائرمينٽ گهرندڙ ماسترياڻي کان به رشوت طلب ڪرڻ جو انڪشاف
تعليم کاتي پاران رٽائرمينٽ گهرندڙ ماسترياڻي کان به رشوت طلب ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) تعليم کاتي ڪراچي جي ڊائريڪٽر پاران گردن جي بيماري ۾ مبتلا ماسترياڻي کان رٽائرمينٽ  لاءِ به  رشوت طلب ڪرڻ جو انڪشاف

پ پ ايم اين اي پاران وڏي وزير کي دانهن، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته ڪراچي جي ايڇ ايس ٽي دردانه خانم 1988ع ۾ تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿي ھئي، هن  بيماري سبب پنهنجي وقت کان اڳ رٽائرمينٽ لاءِ درخواست ڏني ھئي، جنهن کي 6 مھينا گذري وڃڻ باوجود رٽائرڊ نه ڪيو ويو آهي

ان ڏس ۾  دردانه  خانم جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي ڪراچي جو ڊائريڪٽر  يار محمد بالادي کانئس رشوت طلب ڪري رهيو آهي، سجاول مان چونڊيل  پ پ ايم اين اي  اياز شاھ شيرازي وزيراعليٰ ۽ چيف سيڪريٽري  کي اهڙي شڪايت پڻ ڪئي هئي، جنهن تي وزيراعليٰ 31 مئي تي تعليم کاتي کي ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي

لنڪ تي ڪلڪ ڪريو

Khi ayaz shah serazy letter for bilwal