اقتصادي رابطا ڪميٽي طرفان سنڌ سرڪار جي رهتن جي ادائگي لاءِ 12 ڏهائي هڪ ارب رپين جي گرانٽ منظور

0
19
اقتصادي رابطا ڪميٽي طرفان سنڌ سرڪار جي رهتن جي ادائگي لاءِ 12 ڏهائي هڪ ارب رپين جي گرانٽ منظور
اقتصادي رابطا ڪميٽي طرفان سنڌ سرڪار جي رهتن جي ادائگي لاءِ 12 ڏهائي هڪ ارب رپين جي گرانٽ منظور

اقتصادي رابطا ڪميٽي سنڌ حڪومت جي رهتن جي ادائگي لاءِ 12 ڏهائي هڪ ارب رپين جي گرانٽ منظور ڪري ورتي، سرڪاري ملازمن لاءِ ڪنٽريبيوٽري پينشن اسڪيم به منظور

 ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي

 اي سي سي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب پهرين جولاءِ 2024 کان سرڪاري ملازمن لاءِ ڪنٽريبيوٽري پينشن اسڪيم جي منظوري ڏني وئي آهي، هٿياربند فوج لاءِ ڪنٽريبيوٽري پينشن اسڪيم پهرين جولاءِ 2025 کان لاڳو ٿيندي

 ستين آدمشماري جي رهتن جي ادائگي لاءِ رٿابندي وزارت کي 7 ارب 98 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي گرانٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي

 يونيورسل سروس فنڊ کي 11 ارب کان وڌيڪ جا فنڊ واپس ۽ ريلوي وزارت جي التويٰ هيٺ رهتن لاءِ 2 ارب رپين جي گرانٽ به منظور ڪئي وئي