ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص پاران سنڌ جي ڪچي وارن علائقن جو دورو

0
51
ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص پاران سنڌ جي ڪچي وارن علائقن جو دورو
ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص پاران سنڌ جي ڪچي وارن علائقن جو دورو

ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص پاران سنڌ جي ڪچي وارن علائقن جو دورو، علائقي جي سيڪٽر ڪمانڊر پاران ڊي جي رينجرز کي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشنز بابت بريفنگ ڏني وئي

 ڊي جي رينجرز کي ٻڌايو ويو ته مارچ 2024 کان جاري آپريشنز دوران نيشنل هاءِ وي تي ڦر، ڌاڙن ۽ اغوا جي وارداتن ۾ ملوث گينگز خلاف 45 ڪارروائيون ڪيون ويون

ڪارروائين دوران ارسلا سبزوئي، نندواڻي، ڪوڪاري ۽ ٻيلو بنگلاڻي گينگز جا 127 ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا، مجموعي طور پاڪستان رينجرز سنڌ جي 122 آپريشنز دوران 239 ڌاڙيل، ڦورو ۽ ٻيا ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا

 ڪنڌڪوٽ جي ڀر پاسي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جا ٺڪاڻا ڊاهي پٽ ڪيا ويا، ڊي جي رينجرز ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي ٿاڪن جو فضائي جائزو به ورتو

ڊي جي رينجرز پاران موٽر وي ۽ انڊس هاءِ وي تي شهرين جي اچ وڃ محفوظ بڻائڻ لاءِ گشت وڌائڻ ۽ چوڪيون وڌيڪ فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي