ڊيرا اسماعيل خان ۾ فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملو، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد

0
43
ڊيرا اسماعيل خان ۾ فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملو، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد
ڊيرا اسماعيل خان ۾ فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملو، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد

ڊيرا اسماعيل خان ۾ سڪيورٽي فورسز جي قافلي تي آپگهاتي حملو، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا

 آءِ ايس پي آر موجب آپگهاتي بمبار پنهنجي گاڏي سڪيورٽي فورسز جي  ڪانواءِ سان ٽڪرائي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، شهيد اهلڪارن ۾ نائب صوبيدار ياسر شڪيل ۽ سپاهي طاهر نويد شامل آهن

 آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائي ۾ چيو آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بهادر سپاهين جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون، ان بزدلاڻي حملي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو