فيصلا ”وڏو صاحب“ ڪندو ته حڪومت سان ڳالهائڻ جو ڪهڙو فائدو؟ ڳالهيون نه ٿينديون: عمران خان

0
30
فيصلا ”وڏو صاحب“ ڪندو ته حڪومت سان ڳالهائڻ جو ڪهڙو فائدو؟ ڳالهيون نه ٿينديون: عمران خان
فيصلا ”وڏو صاحب“ ڪندو ته حڪومت سان ڳالهائڻ جو ڪهڙو فائدو؟ ڳالهيون نه ٿينديون: عمران خان

راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان چيو آهي ته فيصلا ”وڏا صاحب“ ڪندا ته حڪومت سان ڳالهين ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو؟ ان وٽ ڪي اختيار ئي ناهن، ڳالهين واري معاملي تي غلط بياني نه ڪئي وڃي

ڳالهيون نه ٿينديون،  پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلا ڏيندڙ ججن تي دٻاءَ وڌو پيو وڃي، بجيٽ پگهاردار طبقي جي چيلهه ڀڃي ڇڏي، پارٽي ۾ گروپ بندي ڪندڙن کي نه ڇڏيندس، سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران چيو ته سرگوڌا جي جج لاهور هاءِ ڪورٽ کي ٻڌايو ته ڪيئن ڳجهي اداري ان مٿان دٻاءَ وڌو، ان جج جي گهر جي گيس ڪاٽي وئي

عمران خان وڌيڪ چيو ته ادارن کي پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ تي لڳايو ويو آهي، چيف جسٽس کي پيغام آهي ته هو ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرائين. چيف جسٽس جي سامهون قانون جي حڪمراني ۾ مداخلت ٿي رهي آهي. هي ملڪ صرف سرمائيڪاري سان بچي سگهي ٿو جيڪو قانوني حڪمراني سان ايندي

عمران خان وڌيڪ چيو ته ملڪ جومستقبل اونداهو ٿي ويو، ان موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته خان صاحب توهان ڇا ٿا چاهيو ته اسٽبلشمينٽ ڳالهين لاءِ نمائندو مقرر ڪري تڏهن ئي ڳالهيون ڪندا؟ جنهن تي باني پي ٽي آءِ صحافي جي سوال جو جواب ڏيڻ بنا هليو ويو.