ڌاڙيلن جو صفايو پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي: مراد شاهه

0
45

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي  ته ڪچي جي ڌاڙيلن جو صفايو پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي، تعليم ۽ صحت جي نظام کي وڌيڪ بهتر ڪري بينظير انڪم سپورٽ ذريعي غريبن لاءِ رقم ۾ اضافو ڪنداسين، هاري  ۽ مزدور ڪارڊ سميت سولر پروجيڪٽ اڳ ئي ٺاهي چڪا آهيون، صوبي ۾ هر هنڌ صاف پاڻي بچايو ويندو، پنهنجي ڪارڪردگي سان ٻين صوبن جي ماڻهن کي متاثر ڪري بلاول ڀٽو زرداري کي ايندڙ وزير اعظم بڻائينداسين

مراد علي شاهه چيو ته ماضي جيان نيڪ نيتي سان سنڌ جي لاءِ ڪم ڪنداسين، اهڙو وقت به آيو جڏهن منهنجي گرفتاري جو خطرو هو پر بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مراد علي شاهه جيل مان به وڏو وزير ٿيندو، اسان کي به چونڊن تي خدشا آهن پر قانوني رستو اختيار ڪنداسين، ٻن يا چئن سيٽن لاءِ ملڪي سالميت سان نه  کيڏنداسين

هن  چيو تهتنقيد نه ٿيندي ته سڌارا ڪيئن ايندا؟، بلاول ڀٽو ررداري مونکي چيو ته ٻوڏ متاثرن کي پنهنجا گهر ٺاهي ڏيڻ جو پلان تيار ڪيو، هڪ ڊڪٽيٽر صدر جي عهدي کي پارليامينٽ کان به مٿانهون ڪيو پر صدر زرداري اُهي اختيار واپس پارليامينٽ حوالي ڪيا

هن چيو ته ناڻي جي وزير مونکي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 30 هزار ماهوار پگهار جو اعلان ڪيو پر اسان چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت 35 هزار هوندي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ڪنهن به مسلمانن طرف ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نه ڪئي، بلاول اهو دور واپس آڻيندو