سڪرنڊ ۾ ناناڻن وٽ گهمڻ آيل ٻالڪ مين هول ۾ ڪري فوت

0
29
سڪرنڊ ۾ ناناڻن وٽ گهمڻ آيل ٻالڪ مين هول ۾ ڪري فوت
سڪرنڊ ۾ ناناڻن وٽ گهمڻ آيل ٻالڪ مين هول ۾ ڪري فوت

سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ۾ نوابشاهه کان ناناڻن ۾ گهمڻ آيل 5 سالا معصوم ٻارڙو سليمان ولد پريم راڄپر صبح گهران راند ڪرڻ لاءِ نڪرڻ بعد گم ٿي ويو، جنهن جو شام جو عظيم ڪالوني ۾ مين هول مان لاش مليو

ٻالڪ جو لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو

ٻالڪ جي مامي فرمان راڄپر ميڊيا کي ٻڌايو ته ڀاڻيجو صبح کان گم هو، جنهن جو مين هول مان لاش مليو، اسان ان مين هول کي صبح ٽائون عملي کان چيڪ ڪرايو هو پر بعد ۾ اسان شام جو جڏهن پاڻ چيڪ ڪيو ته معصوم جو لاش هٿ آيو

خبر ناهي واقعو ڪيئن ٿيو، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻالڪ نوابشاهه کان ناناڻن وٽ سڪرنڊ آيل هو