ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪڪ ۾ مقامي ماڻهن جا پاڪستانين سميت پرڏيهي شاگردن تي حملا

0
36
ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪڪ ۾ مقامي ماڻهن جا پاڪستانين سميت پرڏيهي شاگردن تي حملا
ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪڪ ۾ مقامي ماڻهن جا پاڪستانين سميت پرڏيهي شاگردن تي حملا

ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪڪ ۾ مقامي ماڻهن جي مڇريل هجومن جا پاڪستانين سميت پرڏيهي شاگردن تي حملا، 3 پاڪستاني شاگرد مارجي وڃڻ جا اطلاع

مڇريل مقامي ماڻهن بشڪڪ جي هاسٽلز ۽ نجي رهائشگاهن تي چڙهائي ڪري پاڪستاني ۽ ٻين پرڏيهي شاگردن تي حملا ڪيا، ڪيترائي پاڪستاني شاگرد ۽ شاگردياڻيون هاسٽلز جي ڪمرن ۽ نجي رهائشگاهن ۾ محصور بڻيل، ڪرغز پوليس پاران صورتحال تي ضابطي جون ڪوششون

پاڪستاني سفير حسن علي ضيغم شاگردن جي مارجي وڃڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ڪجهه پاڪستاني شاگرد زخمي ٿيا آهن، پاڪستاني سفير پاران شاگردن کي رهائشگاهن  تائين محدود رهڻ جي هدايت

حسن ضيغم جو چوڻ آهي ته پاڪستاني شاگردن جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ ڪرغز اختيارين سان رابطي ۾ آهيون، بشڪڪ ۾ ڦاٿل پاڪستانين پاران حڪومت کي بشڪڪ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مدد جون اپيلون