بلاول والد لاءِ ووٽ گهرڻ لاءِ پنجاب پهتل، مريم وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

0
64
بلاول والد لاءِ ووٽ گهرڻ لاءِ پنجاب پهتل، مريم وڏو اعلان ڪري ڇڏيو
بلاول والد لاءِ ووٽ گهرڻ لاءِ پنجاب پهتل، مريم وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

بلاول ڀٽو زرداري نواز ليگ جي پنجاب اسيمبلي ميمبرز کان والد لاءِ ووٽ گهرڻ پهچي ويو

مريم نواز سڀاڻي صدارتي چونڊن ۾ آصف زردراري کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي

لاهور ۾ خطاب ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته بحرانن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايوانِ صدر ۾ وفاق جي حقيقي نمائندي جي ضرورت آهي، هڪ مخصوص سياسي پارٽي ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ نفرت کي هٿي ڏني، اسان ائين اڳتي وڌون جو ڏڦيڙ ۽ نفرت کي دفن ڪري ڇڏيون

هن چيو ته عوام جو مطالبو آهي ته اهڙو رستو ڪڍيو وڃي جو معاشرو ترقي ڪري، پنجاب اسيمبلي ميمبرز کان والد لاءِ ووٽ وٺڻ آيو آهيان، صدر آصف زرداري توهان جو به مون وانگر خيال رکندو

مريم نواز چيو ته بلاول اسان وٽ نه به اچي ها، تڏهن به آصف زرداري کي ووٽ ڏيون ها،سٺي ڳالهه آهي جو هڪ سياسي شخصيت ايوانِ صدر ۾ ويهندي، جيڪا چئلينجز کي سمجهي

هن چيو ته پ پ ۽ نواز ليگ جي گڏيل ايجنڊا آهي ته ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍون، بلاول جنهن پارٽي کي ڪارٽون سڏيو، واقعي اهي ڪارٽون نيٽ ورڪ هلائي رهيا هئا، سنجيده پارٽيون ملڪ ۾ بهتري چاهين ٿيون، 5 سالن دوران ايوانِ صدر ۾ لاڳيتو آئيني ڀڃڪڙي ڪئي وئي، صدر ڪنهن پارٽي جو نه، پر ملڪ جو هوندو آهي، قوم کيس سٺن لفظن ۾ ياد نه ڪندي