بلاول ڀٽو طرفان وفاقي بجيٽ جي حمايت، نيب ختم ڪرڻ جي تجويز

0
30

بلاول ڀٽو زرداري نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ منظور ڪرائڻ ۾ وفاقي سرڪار کي حمايت جي خاطري ڪرائي ڇڏي، قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول نيب کي ختم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي

 بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيب کي ختم ڪرڻ ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي منشور جو حصو آهي، نيب سياستدانن کي بدنام ڪرڻ ۽ سياسي انجنيئرنگ جو ادارو آهي، نيب ختم ڪرڻ سان معيشت ۽ ڪاروباري برادري کي فائدو ٿيندو

 بلاول ڀٽو زرداري سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته شايد نيب جا وڏا حامي به هاڻي ان جي مخالفت ڪندا، حڪومت جيڪڏهن ختم ڪرڻ نه ٿي چاهي ته گهٽ ۾ گهٽ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ جي منصوبن کي نيب قانون کان آجو قرار ڏنو وڃي، جيئن ايس آءِ ايف سي کي آجو قرار ڏنو ويو

  بجلي لوڊشيڊنگ تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته دنيا پينگوئنز لاءِ پريشان آهي، هتي رهندڙ 25 ڪروڙ عوام جو ڇا ٿيندو؟ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، اسين ڪهڙي ريت عوام کي منهن ڏيون،

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي مفت سولر پينل فراهم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، وفاق هڪ اهڙو منصوبو جوڙي ته جيئن سمورا صوبا عوام کي رليف ڏئي سگهن، بلاول ڀٽو حڪومت وفاقي ترقياتي بجيٽ گڏجي بڻائڻ جي شرط تي عمل نه ڪيو ويو

هن چيو ته باجوا ڊاڪٽرائن جي نالي تي اسان جون ڪاميابيون نشاني تي هيون، جن ۾ ارڙهين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ ۽ بي آءِ ايس پي ختم ڪرڻ جي سازش شامل هئي، اسان سياسي نقصان جي پرواهه نه ڪندي پاڪستان جي مفاد ۾ قدم کنيو