بدين ۾ نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

0
46

بدين ۾ 4 ڏينهن اڳ قتل ڪيل نوجوان جاني چانڊيو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ شهرين ڌرڻو هنيو آهي

بدين ڪراچي روڊ تي نيڻو واهه ويجهو ڌرڻو هڻڻ سبب ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون

مظاهرين چيو ته نوجوان جي قتل کي 4 ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪيو آهي

مقتول جي وارثن پاران قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رکڻ جو چتاءُ پڻ ڏنو آهي