سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي بابت ناڪاري خبرون هلايون پيون وڃن: گورنر پنجاب

0
38
سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي بابت ناڪاري خبرون هلايون پيون وڃن: گورنر پنجاب
سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي بابت ناڪاري خبرون هلايون پيون وڃن: گورنر پنجاب

سيوهڻ: پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر چيو آهي ته سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي بابت ناڪاري خبرون هلايون پيون وڃن، وڏي وزير مراد علي شاهه جي قيادت هيٺ سنڌ ۾ تاريخ ساز ڪم ٿي رهيا آهن

پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر سيوهڻ شريف ۾ قلندر لال شهباز جي درگاهه تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ڪوڙي خبر هلائڻ تي ڪنهن کي سزا ملي ٿي ته صحافين کي ان تي احتجاج  نه ڪرڻ گهرجي

هن چيو ته ايندڙ 5 سالن دوران سنڌ باقي صوبن کان گهڻو اڳتي نڪري وينديم پنجاب اسيمبلي پاران  بدناموسي خلاف منظور ڪيل بل ٺيڪ آهي، ڪوڙيون خبرون ڏيندڙ صحافين کان به پڇاڻو ٿيڻ گهرجي

هن چيو ته  پيپلزپارٽي پنجاب ۾ ڪمزور آهي پر اميد آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر پراڻي پوزيشن تي اچي ويندي، بلاول پاڪستان جو حقيقي ليڊر آهي، ملڪ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ کيس وزيراعظم بڻائينداسين